اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قدرتي آفتن جي نقصانن کان بچڻ جي لا??ِ سمورين حڪومتن ۽ اد??رن کي گڏجي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي لا??ِ سڄي دنيا مان امداد تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا، وفاق جي سطح تي متاثرين کي في خاندان 25 هزار رپين جي ورڇ جي لا??ِ رقم 70 ارب رپين تائين وڌائي وئي آهي، سوات جي علائقي ۾ ٿيندڙ نقصان ”مين ميڊ“ آهي، ڪاش ڏينهن رات ليڪچر ڏيندڙ ان تباهي جو حل ڪڍن ها، هي سياست نه خدمت جو وقت آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جون حقيقتون دنيا تائ??ن پهچائڻ جي لا??ِ عالمي ۽ مقامي ميڊيا ۽ وفاقي وزيرن مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جو نمايان ڪردار آهي جنهن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن ۽ اين ڊي ايم اي جي ذريعي 70 ارب رپيا ورهائي رهي اهي، سنڌ صوبي جي لا??ِ 15 ارب رپيا، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي لا??ِ 10، 10 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لا??ِ 3 ارب رپيا ان کانسواءِ آهن. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا في ڪس ورهائڻ جو عمل به جاري آهي، ان جي لا??ِ اين ڊي ايم اي کي 5 ارب رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 3 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ جي تباهين سان گذريل هڪ هفتي ۾ عالمي برادري کي آگاهي کانپوءِ هاڻي عالمي برادري پاران به امدادي سامان ملي رهيو آهي، ان آگاهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جو وڏو ڪردار آهي، ان سان عالمي برادري کي متاثرين جي تڪليفن ۽ سختين کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي، گڏيل عرب امارات کان 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، چين 400 ملين آر ايم بي اضافي امداد جو اعلان ڪيو آهي، ان کانسواءِ ترڪيءَ، ??عو??ي عرب، اردن سميت ٻين ملڪن مان امدادي سامان اچي رهيو آهي، آمريڪا 31 ملين ڊالر جڏهن ته پرنس ڪريم آغا خان جي فرزند 10 ملين ڊالر ڪيش جو اعلان ڪيو آهي، بيا ملڪ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ??عو??ي عرب هڪ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، قطر جي قيادت هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، عالمي امدادي اد??را به فعال آهن، برطانيا پنهنجي امداد 15 مل??ن پائونڊ تائين وڌائي ڇڏي آهي، ان تي پاڪستاني قوم انهن سڀني ملڪن ۽ اد??رن جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ نئين سر تعمير جو مرحلو اچڻو آهي جنهن جي لا??ِ صوبن ۽ لاڳاپيل اد??رن سان گڏجي بهتر منصوبابندي ڪنداسين، سنڌ ۾ پاڻي جي نيڪال لا??ِ بهتر ڪم جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مان چيمبرز آف ڪامرس سميت مختلف اد??رن پاران ريليف فنڊ ۾ امدادي چيڪ ڏنا پيا وڃن، ڊونر ڪانفرنس پڻ طلب ڪئي پئي وڃي، اين جي اوز پڻ فعال آهن. وزيراعظم چيو ته عوام پاڻ به متاثرين جي لا??ِ کاڌو ۽ امدادي سامان کڻي وڃي رهي آهي، اسان جيڪو ماحول چاهيو پئي اهو بڻجي ويو آهي، پوري قوم هڪ لڙي ۾ پڻجي وئي آهي. هن چيو ته دنيا کي ٻوڏ جي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ تي عالمي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون، وزارتن، کاتن، لاڳاپيل اد??رن ۽ ماڻهن ان وڏي چئلينج کي قبول ڪيو آهي ۽ پوري طرح هڪ ٿي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، ايف ڊبليو او سوات ۾ جتي ”مين ميڊ“ افت آئي آهي، ڪاش ڏينهن رات ليڪچر ڏيندڙ دريائن جي پيٽ ۾ تعميرات کان روڪين ها ۽ ان تباهي جو حل ڪڍن ها، اسان هن وقت سياست نه ٿا ڪرڻ چاهيون ڇو ته هي سياست نه خدمت جو وقت آهي، جڏهن ته اسان کي پنهنجي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، تعميرات جي حوالي سان قانونن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، ٻوڏ ۾ هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، کربين رپين جو معاشي نقصان ٿيو، ڇا قوم اڃا به خاموش تماشائي بڻيل رهندي، ڇا هر سال اهڙي طرح غريب قوم جي ڪمائي برساتن ۽ ٻوڏ جي ور چڙهندي، ان تي ٺاهه نه ڪنداسين، وفاق، صوبن ۽ اد??رن سان گڏجي ٺوس حڪمت عملي ۽ پاليسي ٺاهينداسين، هي قانونن تي سختي سان ڪاربند رهڻ جو وقت آهي. هن چيو ته قومي ميڊيا جهڙي طرح آگاهي ڏني آهي، ان تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا، ٻوڏ جي متاثرين کي محفوظ جڳهه تائ??ن پهچائيندڙ هٿياربند فوج سميت سمورن اد??ران جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت، ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي حڪومتن، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي سميت سمورن اد??رن ڏينهن رات هڪ ڪري ڏکويل انسانيت جي خدمت جو ذمو کنيو آهي جنهن تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا.