اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي( پاڪستان ۽ سعودي عرب سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر جي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان آل سعود سان ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدلالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي عرب جي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم 75 آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪ ڏني. ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي ۽ پاڪستان سعودي عرب جي وچ ۾ سالن تي ٻڌل مضبوط ڀائرن ل??ڱا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان وز??ر اعظم کي اپريل 2022 جي دوري جي دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وز??ر اعظم ڀائر ملڪ سعودي عرب جي پاڪستان جي مشڪل وقت مدد جو ذڪر ڪندي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جي ??عي??ت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تازي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عه?? شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي جلد دوري جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪري ورتي.