ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو آه?? ته بئنڪ اسلامي جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن ج?? وچ ۾ تعليم کاتي ??ي حصيداري سان مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آه?? منعقد ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار ??اضي عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق ??رڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن ج?? شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آه?? ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آه?? جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آه??. هن چيو ته تعليم کاتي ??دائين ڪراچي جي انتظاميا سان ڀرپور حصيداري ڪئي آه?? ۽ مون کي اميد آه?? ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ منعقد ٿيندا.