اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه ??ڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه ??ڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي جي جاچ ڪرا??ڻ ۽ ذميوارن جو تع??ن ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏ?? برن سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.