اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، پنهنجي جوابدارن کي سڃاڻي ٿي، عمران صاحب! ڪوڙ ڳالهائڻ، ڌمڪي ڏيڻ ۽ گار ڏيڻ سان حقيقت نٿي لڪي سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، اصل معاشي تباهي، بي روزگاري ۽ بک جو جوابدار عمران خان آهي، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ 2022ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران ملڪي ترقي جي حوالي سان انگن اکرن جو گراف به شيئر ڪيو، ان گراف موجب 2018ع ۾ ڊالر جي قيمت 116 روپيا هئي جيڪا 2022ع ۾ 189 روپيا ٿي وئي، قومي ترقي جي رفتار 6.1 سيڪڙو ک??ن گهٽجي 4 سيڪڙو (متوقع)، مهانگائي 3.9 سيڪڙو ک??ن ??ڌي 13 سيڪڙو، غذائي مهانگائي 2.3 سيڪرو ک??ن ??ڌي 15 سيڪڙو، آٽو 20 ڪلو 700 روپين مان ??ڌي 1100 روپيا، کنڊ في ڪلو 53 روپين کانو ڌي 90 روپيا، گيهه في ڪلو 151 روپين مان ??ڌي 470 روپيا، بجلي في يونٽ 11 روپين کان ??ڌي 25 روپيا، گئس 600 روپيا، ايم ايم بي ٽي يو ک??ن ??ڌي 1400 روپيا، ايم ايم بي ٽي يو، يوريا ٻوري جي قيمت 1380 کان ??ڌي 1918 روپيا، (3 هزار روپين به وڪرو ٿي) مالي خسارو 2260 ارب روپين کان ??ڌي 5600 ارب روپيا (متوقع) واپاري خسارو 0.9 ارب ڊالر کان ??ڌي 43 ارب ڊالر، جي ڊي پي ۽ ٽيڪس جو تناسب 11.1 سيڪڙو ک??ن ??ڌي 9.2 سيڪڙو، حڪومتي قرض 1947ع کان وٺي 2018ع تائين 24953 ارب روپين کان ??ڌي ساڍا ٽن سالن ۾ 42745 ارب روپيا، بي روزگارن جو تعداد 35 لک کان ??ڌي 95 لک ٿي ويو يعني ملڪ ۾ 60 لک بيروزگارن جو اضافو ٿيو، اهڙي طرح ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن تي اسپيشن انڊيڪس رينڪنگ 117 کان 140 ٿي، ڪرپشن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار سالن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ ماڻهن جي تعداد ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن سميت 1.3 ڪروڙ ٻارن جو اضافو ٿيو.