اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ه??گامي بنياد?? تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنو?? تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ جي حساس ضل??ن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ه??گامي بنياد?? تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنو?? تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم انهن ٻار?? جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن عوام کي بهترين طبي سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائ?? جي به هدايت ڪئي ته جيئن پوليو جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم پوليو جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستا?? جي قومي ڏينه?? تي قومي ه??روز طور پذيرائي ڏيڻ جون هدايتون ??اري ڪيون.