اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ ره??دو?? پاڪستان هٿي?? خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رک??دو?? ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 فيبروري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿي?? خالي ڪشميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادري کي باور ڪرايو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان توهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو ويو هو ته گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انهن کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿي?? خالي ڪشميرين کي سرچ ??ينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنج فيبروري تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظ??وم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان انهن سان گڏ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان هٿي?? خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رک??دو??. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظ??وم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي بنيادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 فيبروري تي انشاءُ الله پوري قوم مظ??وم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.