اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان حڪومت ٻا??ن سان لاڳاپيل پائيدار ت??قي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بطور ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يونيسيف ذميواريون سنڀالڻ تي ڪيٿرين رسل کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان سڄي دنيا جي ٻا??ن جي لاءِ يونيسيف جي اهم ڪم جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. پاڪستان ٻا??ن جي حقن جي حوالي سان عالمي سطح تي هڪ اهم آواز طور سڃاتو وڃي ٿو. اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان کي ٻا??ن بابت حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن پر ان جي باوجود پاڪستان ٻا??ن بابت پائيدار ت??قي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. شا??ه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ٻا??ن جي حقن جي تحفظ لاءِ مختلف قانوني، پاليسي ۽ اداراجاتي قدم کنيا. ٻا??ن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ آزاد قومي ڪميشن قائم ڪيو ويو. حڪومت اسڪولن ۾ ٻا??ن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان ان ڏس ۾ يونيسيف جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻا??ن جي حفاظتي ٽيڪن جي سهولت جي فراهمي ۾ يونيسيف جي تعاون کي سا??اهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ يونيسيف جو تعاون سا??اهه جوڳو آهي. پاڪستان ڪورونا وبا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ۾ صحت سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي رخن کي به نظر ۾ رکيو ويو. جنگين، تشدد، ڊگهن تڪرارن ۽ غيرملڪي قبضن کان متاثر علائقن ۾ ٻا?? وڌيڪ غيرمحفوظ آهن. جن جي لاءِ عالمي سطح تي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. شا??ه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني صورتحال، ٻا??ن ۽ عورتن جي انساني حقن جي خلاف ورزين جو تسلسل ڳڻتي جوڳو آهي. افغانستان جي استحڪام لاءِ انساني ۽ معاشي بحران جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. اسان افغان عوام کي فوري انساني معاونت جي فراهمي جي ڏس ۾ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قائداڻي ڪردار کي سا??اهيون ٿا. جڏهن ته انساني همدردي جون ڪوششون ان وقت تائين پائيدار ثابت نه ٿينديون جيستائين افغان بئنڪنگ چينلز کي بحال ڪرڻ ۽ افغان عوام جي ٻاهرئين ملڪ اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم نه ٿا کنيا وڃن.