اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ بهاولپور ڊويزن ۾ شامل بهاولپور ضلعي رحيم يار خان ۽ بهاولنگر جي هڪ ڪروڙ 5 لک آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ جو تحفو ڏيڻ لاءِ بهاولپور اچي رهيو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چي?? ته پي ٽي آءِ پهرين حڪومت آهي جيڪا بنا فرق ج?? هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ??ري رهي آهي.