??سل??م آباد – 18 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي ا??تماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ما??ر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيڪس جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي ا??رن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.