اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختو??خو?? صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، قبا??لي علائقن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، فاٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ هائوس ۾ قبا??لي چڱن مڙسن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن قبا??لي چڱن مڙسن جو پارليامينٽ هائوس اچڻ تي ٿورو ادا ڪندي چ??و ته قبا??لي عوام جي پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته اتي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، هن چ??و ته اسان فاٽا جي ترقي کي پوري پاڪستان جي ترقي سمجهون ٿا، قبا??لي چڱن مڙسن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چ??و ته قبا??لي ضلعن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، فاٽا جي ترقي ۽ بحالي جي لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي، اسان پوري ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ضم ٿيل قبا??لي علائقن جي عوام کي انهن جو حق ملي سگهي.