ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوب?? سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي، منصوباب??دي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به م??جود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آهي، ڪراچي جي اهميت به اهڙي طرح آهي پر بدقسمت?? سان ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪراچي جي ترقي صرف ڪراچي جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند آهي، هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪراچي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آهي، ڪراچي جيڪو تيز?? سان پکڙجي رهيو آهي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿي??دي چيو ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوب?? سان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ سان مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به م??صوبن جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رک??دي منصوباب??دي ڪرڻ پو??دي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته م??ن کي خوشي آهي ته ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آهن ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آهي، اميد آهي ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .