اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چي?? آهي ته ڀارت افغانستان ۾ حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙن ۽ غلط بيانئي کي هوائي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ماضي وانگر اڄ به پنهنجي مخلصاڻين ۽ حقيقتن تي ٻڌل موقف پيش ڪري رهي?? آهي، اڄ افغانستان ۽ دنيا هڪ اهم موڙ تي آهن، افغانستان ۾ انساني بحران نه ٿئي ان لاءِ عالمي برادري تي اجتماعي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته طالبان سان انگيجمينٽ ڪجهه ملڪن لاءِ سياسي طور مشڪل ضرور ٿي سگهي ٿي ليڪن هي هڪ نازڪ موقع?? آهي. قومي سلامتي جي صلاحڪار برطانوي رسالي ”دي انڊپينٽ“ ۾ شايع ٿيل مصمون ۾ لکي?? آهي ته افغانستان مان فوجين جي واپسي جي افراتفري کان پاسو ڪرڻو هو، بدقسمت?? ڀارت جهڙن علائقائي بگاڙ پيدا ڪندڙن ڪوڙي بيانئو بڻائي حقيقت کي لڪائڻ هو. افغانستان ۾ بين الاقوامي ڪوششون افغان عوام جي نظر ۾ جائز ناهن. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ هميشه ڳالهين ۽ سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، اسان جي مشوري کي نظر انداز ڪيو ويو جڏهن ته افغانستان جي جنگ سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿي?? آهي. اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ بدران اسان تي ڊبل گ??م جا الزام لڳايا ويا. حقيقت اها آهي ته اسان 80 هزار کان وڌيڪ معصوم جانين جي قرباني ڏني ۽ 150 ارب ??ال??ن کان وڌيڪ معاشي نقصان جو بار کنيو.