دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سرب??اه?? جي اجلاس جي موقعي تي قزاخستان جي صدر قاسم جمرات ت??ڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ??يو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزير??عظ?? خاص طور تي رابطن جي اهميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو ف??اه?? ڪرڻ ۾ پاڪستان جي اهم پوزيشن تي زور ڏنو. وزير??عظ?? ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي اهميت کي به اجاگر ??يو. وزير??عظ?? سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کان جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي به وضاحت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزير??عظ?? پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت ت?? به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد، فوري انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام جي غرض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي رابطن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي سياسي مٽاسٽا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ??يو. وزير??عظ?? صدر توڪائف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزير??عظ?? عمران خان کي قزاخستان جي دوري جي دعوت ڏني.