اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ??ين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سان گڏ ايران جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳ??پا?? علائقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??ين??ٽ چيئرمين ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ??ن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. ??ين??ٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ ??امزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. ??ين??ٽ چيئرمين ان موقعي تي ايران جي نئين چونڊيل صدر لاءِ ??اڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ و??پا??ي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ و??پا?? جي فروغ لاءِ ??ڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران سان بلوچستان جي سرحدي علائ??ن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي و??پا?? جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائ??ن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.