اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ اسپتال ايندڙ سال ڊسمبر تائين ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي تعمير معمول موجب جاري آهي ۽ ايندڙ سال ڊسمبر تائين افتتاح لاءِ پوري طرح تيار ٿيندي. انشاءُ الله ڪراچي ج?? اها ش??ڪت خانم لا??ور جي اسپتال کان ٻيڻ تي وڏي ۽ جديد ترين سامان سان ليس هوندي.