اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪري، عمران خان جي مديني جي رياست جي عزم کي ا??تي وڌائينداسين، گڏيل قومن جي فورم تي عمران خان مغرب جي ا??ين ۾ اکيون وجهي اسل??م جو دفاع ڪيو. هو درٻار عاليه عيدگاهه شريف ۾ عالمي يا رسول صه ڪا??فرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪا??فرنس ۾ پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد، وز??راعظم جو خاص مددگار علامه طاهر اشرفي به موجود هئا، ڪا??فرنس جي صدارت سجاده نشين عيدگاهه شريف پير نقيب الرحمان ڪئي جڏهن ته صاحبزاده حسان حسيب الرحمان به خطاب ڪيو، مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته اڄ جو اهو ميڙاڪو عاشقان رسول ﷺ جو اجتماع آهي، نبي پاڪ ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مڪمل حيات جو ضابطو آهي، هتان امن، محبت، احساس، عدل ۽ انصاف ۽ ڀائيچاري جو پيغام ملي ٿو.