اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول دو??تي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان پهريون ماحول دو??ت وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وزيراعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏي??ري رهيو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پ??ڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دو??تي کي پاليسي سطح تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پ??ڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دو??ت قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.