هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو وڌ??ڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي قيام جي منصوبن سميت ٻيا قد?? ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين کان پاڪ پاڪستان ڏينداسين. هو وزيراعظم هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي مناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم عمر??ن خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزيراعظم کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وزيراعظم خطاب ڪندي چ??و ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبن جي ميزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهي قد?? ڏيکاءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چ??و ته پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌ??ڪ شڪار آهن، ??اڻ?? جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان ??اڻ?? جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي ??اڻ?? جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چ??و ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.