جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين ??لش??يفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.