اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي)نجڪاري واري وفاقي وزير محمد م??ان سومرو ۽ صنعتن پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر جي گڏيل صدارت ۾ رٿيل اجلاس دور??ن پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس گذريل ڏينهن وفاقي وزيرن جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ايڊيشنل سيڪريٽري انڊسٽريز سميت لاڳا??يل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد م??ان سومرو چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي عمل جي ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ڪيو ويندو ۽ پي ايس ايم جي اثاثن پاڪستان اسٽيل ملز جي ذيلي ڪمپني کي ملڪيت جي منتقلي کان سواءِ ٽرانسفر ڪيا ويندا.