اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حم??يت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لا??ڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ ??اه?? ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني لا??ڊرنگ جو اهو دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ مني لا??ڊرنگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حم??يت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ ??اه?? ٿو. عمران خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني لا??ڊرنگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.