اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ر??ار?? ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 97 م??ڻه?? جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 46 م??ڻه?? ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 م??ڻه?? اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پ??اور ۾ 50 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچ?? ۾ 37 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 519، پنجاب ۾ 14 هزار 411، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 264، بلوچستان ۾ 555، گلگت بلتستان ۾ 380، آز??د ڪشمير ۾ 238 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي چڪو آهي.