اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪور??ا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪواڪ سانگ ڪيو الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿ?? ۽ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. صدر عارف ??لوي چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪور??ا جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي موجوده ماپي کي وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ سياسي وفدن جي مٽاسٽا جي سخت ضرورت آهي