GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران سانوڻي جي برساتن دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي هدايت، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

image

اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي برساتن دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اين ڊي ايم اي سنڌ ۾ جولاءِ جي ٻئي هفتي ۽ چوٿين هفتي ۾ ڪراچي، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد جڏهن ته آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ۾ سانوڻي جي تيز برستان جي اڳڪٿي ڪندي، علائقن ۾ ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم سانوڻي جي برساتن سان پيدا ٿيندڙ امڪاني ٻوڏ صورتحال جي پاڻ نگراني جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان مدد ۽ رهنمائي ڪري. هنگامي صورتحال ۾ امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن جي ماڻهن کي سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان اڳواٽ اطلاع پهچائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن، دريائن ۽ واهن جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن کي روزانو جي بنياد تي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان اڳواٽ اطلاع ڏنو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان اڳواٽ ڄاڻ کي قومي نشرياتن جو حصو بڻايو وڃي. آبادگارن کي باقاعدگي سان موسم جي صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي. ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي پاران سانوڻي جي برساتن جي هيستائين جي اڳڪٿي ۽ امڪاني خطرن ۾ ورتل علائقن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جولاءِ جي پهرين ۽ ٻئي هفتي ۾ چئني صوبن ۾ سانوڻي جي برساتن جون شديد برساتن جو امڪان آهن. هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن جو سلسلو پاڪستان ۾ ڏکڻ ۽ اوڀر کان ٿيندو اتر طرف وڌندو. جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پوٺوهار ۽ پنجاب جي اوڀرندي حصي ۾ برساتن جو امڪان آهي. جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ راولپنڊي، سرگوڌا، گوجرانوالا، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ تيز برسات، جڏهن ته بهاولپور، ملتان، ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان خطي ۾ ڪٿي ڪٿي برساتن جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آگسٽ جي پهرين ٻن هفتن ۾ ستلج، چناب ۽ راوي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي. انهن دريائن جي ڀرپاسي آبادين کي نه رڳو اڳواٽ ڄاڻ ۽ لڏپلاڻ جي لاءِ تياريون مڪمل آهن. جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ جولاءِ جي ٻئي هفتي ۽ چوٿين هفتي ۾ ڪراچي، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ۾ آگسٽ جي ٽئين هفتي به سانوڻي جي برساتن جو امڪان آهن. خيبرپختونخواهه ۾ جولاءِ ۾ هزاره، مالاڪنڊ، مردان، پشاور، ڪوهاٽ، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو آگسٽ جي ٽئين هفتي تائين رهڻ جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ جولاءِ جي ٻئي، چوٿين ۽ آگسٽ جي پهرين ٻن هفتن ۾ سامونڊي ۽ سنڌ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ لسٻيلا، اڙماڙه، خضدار، بارکان، سبي ۽ زوب ۾ وڏي پئماني تي برساتن جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۾ جولاءِ ۾ جزوي برساتون جڏهن ته آگسٽ جي پهرين ٽن هفتن ۾ وڏي پئماني تي برساتن جو امڪان آهي. جنهن ۾ اسڪردو، هنزه، چلاس ۽ غذر ۾ برساتن جو امڪان آهي. آزاد ڪشمير ۾ جولاءِ جي پهرين ٽن هفتن ۾ وڏي پئماني تي تيز برساتن ۽ ڇپُون ڪرڻ جو خطرو آهي. اجلاس کي ستلج ۽ چناب جي ڪنارن تي آبادين جي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي تيارين کان به آگاهه ڪيو ويو. سڄي ملڪ ۾ ٻيڙين، خيمن، پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ پمپس، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو مناسب ذخيرو رکيو ويو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان تياريون هلندڙ سال جنوري جڏهن ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مشقون مارچ کان جاري آهن. ريسڪيو ادارن پي ڊي ايم اي، پاڪستاني فوج جا دستا ۽ اين ڊي ايم اي مسلسل امڪاني طور تي متاثر علائقن ۾ هاءِ الرٽ آهن. سانوڻي جي برساتن ۽ موسم جي صورتحال سان گڏوگڏ اڳواٽ ڄاڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي هڪ موبائيل ايپ متعارف ڪرائي آهي جيڪا ماڻهن جي استعمال ۾ آهي. سانوڻي جي برساتن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سانوڻي جي برساتن ڪنٽنجينسي پلان جوڙي لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي موڪليو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن