اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ??اب??و آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم دوران احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪور??نا سان گڏ پنهنجي ماڻهن کي بک سبب مرڻ کان به بچائڻو هو ان لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪو الله جي فضل ۽ ڪرم سان بهتر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي احتياط نه ڪئي ته ڪيسز جي انگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وزيراعظم هائوس ۾ ڪور??نا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪور??نا جي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن دوران سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپتالن تي مريضن جو جيڪو دٻاءُ هو ان ۾ به گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيج?? بيڊز تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو الله تعاليٰ جو اسان تي خاص ڪرم آهي ته ??اڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪور??نا جي وبا تي ??اب??و آڻي ورتو آهي پر اڃا چئلينجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه آهي. هن چيو ته 13 مارچ تي جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ته ??ڏا چئلينجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪور??نا ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان تي دٻاءُ هو ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان به لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي پهرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهيو ته ??ورپ ۽ چين جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جون حالتون مختلف آهن.