اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس ??نصوب??بن??ي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خل??ف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خل??ف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊ??ن کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جانورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خل??ف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سما??ي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عمر چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.