اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) بحري معاملن واري وفاقي وز??ر علي حيدر زيدي سنڌ ح??وم?? طرفان عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي رپورٽس ۾ ڦيرڦار تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سياست ٿيندي آهي، جڏهن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي آهي. هن چيو ته مون جي آءِ ٽي رپورٽس منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، هاڻي سنڌ ح??وم?? الله الله ڪري اهي رپورٽون پبلڪ ڪيون آهن، هن چيو ته جوابدار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ 158 قتل جو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ ح??وم?? جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ رليز ڪئي آهي اها اڌوري آهي، جي آءِ ٽي ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا هئا ان ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪنهن ج?? چوڻ تي اهو سڀ ڪيو ۽ ان جو ڪنهن کي فائدو ٿيو.