اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ت?? هي چاهين ٿا ت?? عمران ??ان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آهي، ڪڏهن ناهي چيو ته لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي اسان ??يٺل رهنداسين ڪير اسان ??و ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪستان ??ي ليڊرشپ پهچايو آهي، دشمن به نه ٿو پهچائي سگهي، ڪر??چي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪيو آهي، اسان ??ون ايجنسيون هائي الرٽ آهن، انهي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران ??ان پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني هڪ جذبي سان ??جيٽ جي منظوري ۾ حصو ورتو آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ت?? هو عورت ميمبرن جو به ٿورائتو آهي جيڪي ايوان ??ي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن جي ڪارڪردگي باب?? ٻڌايو آهي، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ت?? هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان ??ي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪر??چي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آهي، اسان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.