اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صحيح ??انپوءِ ڇنڇر ڏينهن قانون واري وزارت نيب ترميمي آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن کي قومي احتساب ٻيو ترميمي آرڊيننس 2019ع جو نالو ڏنو ويو آهي، گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا نيب ترميمي آرڊيننس 2019ع جي سرڪيوليشن سمري وسيلي منظوري ڏني هئي جنهن کانپوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي به آرڊيننس تي صحيح ??ري ڇڏي آهي، نيب ترميمي آرڊيننس صد?? جي صحيح ??انپوءِ لاڳو ٿي ويو آهي