اس??ام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پ?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحي?? هسين جي گهرڀاتين سان پ?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ??لڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن ج?? بلندي لاءِ دعا ڪئي.