اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اي?? سي او سي ۾ اجلاس ??نع??د ٿيو. اي?? سي او سي مان جاري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصولن ??ي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي سمورن صوبن کي جاري ڪيا ويا آهن. اي?? سي او سي کي آگاهه ڪيو ويو ته انهن هدايتن ??ي عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اي?? سي او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فورم کي ٻڌايو ويو ته بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي. عوام پاران ايس او پيز ??ي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪرڻ س??يت حڪمن ??ي عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.