GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

عالمي ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثقافت تي ٻڌل ماحولياتي قدم کنيا وڃن، تي موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي: عطاءُ الله تارڙ

image

باڪو – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عالمي ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثقافت تي ٻڌل ماحولياتي قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ لازمي آهي. اها ڳالهه هن ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ثقافتي ورثي ۽ موسمياتي تبديلي تي اعليٰ سطحي وزارتي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير آذربائيجان، گڏيل عرب امارات ۽ برازيل پاران ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب موجود آهي جنهن کي طاقتور سنڌو درياءَ جي ڪنارن ۽ معاون ندين گهيري رکيو آهي، پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو درياءَ رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته هتي يونيسڪو جو ثقافتي ورثو موهن جو دڙو 2500 قبل مسيح جو آهي. پاڪستان دنيا جي 13 بلند چوٽين مان چار جو مالڪ آهي جن ۾ ڪي ٽو به شامل آهي جيڪا دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي آهي جيڪا گلگت بلتستان ۾ موجود آهي، هتي هڪ وڏي آبادي رهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جڏهن اسان هتي ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته اسان پنهنجي انهن ثقافتي ورثن کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتن کي پنهنجي وقت جي سڀ کان وڏي چئلينجن مان هڪ موسمياتي تبديلي جي عالمي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو رڳو 0.5 سيڪڙو آهي پر جڏهن نقصان جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان ان چئلينج کي منهن ڏيندڙ دنيا جي سرفهرست 10 ملڪن ۾ شامل آهيون، شديد ٻوڏ، وڌندڙ گرمي پد ۽ اسان جي ثقافت ۽ قومي ورثي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ اسان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، مقامي ماڻهن سميت هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن اسان نقصان جو حساب لڳايون ٿا ته اسان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان، ٿيو، اسان کي نه رڳو زندگين ۽ روزگار جي ذريعن پر ثقافتي ورثي کي وڃائڻ جو پڻ خطرو آهي. اسان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي جديد ترين ۽ جامع خيالن کي سامهون آڻڻ جي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اسان جون ڪوششون هر وقت ۽ جامع هجڻ گهرجن. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته موسمياتي تبديلين کان بچڻ جي لاءِ قدم اسان جي پاليسين ۾ شامل هجن، پاڪستان ان موقف تي قائم آهي. وفاقي وزير چيو ته ثقافت جي اصل طاقت ان جي زندگين کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت ۾ آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي حدن کان اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائي ٿي. ثقافت رڳو ماضي جي وراثت نه آهي پر اها هڪ زندگي، ساهه کڻندڙ قوت آهي جيڪا اسان جي حال کي جوڙي ٿي ۽ اسان کي هڪ بهتر مستقبل بڻائڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي ٿي. هن چيو ته ثقافت جي ذريعي اسان لچڪ، جدت ۽ يڪجهتي ماڻيون ٿا ۽ انهن ئي خصوصيتن جي ذريعي اسان کي موسمياتي تبديلي جي بحران جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. عطاءُ الله تارڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته اچو گڏجي هڪ اهڙي دنيا جي تعمير ڪريون جتي ثقافت، زندگين کي تبديل ڪرڻ، برادرين کي بلند مقام ڏيارڻ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ حل جي ترغيب ڏني وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تقرير جي پڄاڻي حديث مبارڪه سان ڪئي ته اسان جي پياري نبي رسول ﷺ جو ارشاد آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي رهي هجي ۽ توهان مان ڪنهن جي هٿ ۾ وڻ هجي ۽ اهو ان ڳالهه تي قادر هجي ته قيامت قائم ٿيڻ کان اڳ هو ان کي لڳائي وٺندو ته ضرور لڳائي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج