اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وز??راعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ دوري تي ويو هن پاڪستان جي عوام جو وقار بلند ڪيو، تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي، اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، وز??راعظم جو تاجڪستان جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل هوندو. وز??راعظم پنهنجي دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي 20 هين اجلاس ۽ بزنس ڪان??رن?? ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم عمران خان جي تاجڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو آهي، وز??راعظم جو دورو ٻن حصن تي ٻ??ل آهي، پهرين حصي ۾ وز??راعظم شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻين ملڪن جا سربراهه به موجود هوندا. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان جي روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات طئي ٿي، صدر پيوٽن قرنطينه هجڻ سبب دوشنبي نه اچي رهيو آهي، صدر پيوٽن ۽ وز??راعظم عمران خان جي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وز??راعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات جلد متوقع آهي، هن چيو ته وز??راعظم عمران خان کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي، تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وز??راعظم عمران خان تاجڪستان ۾ ٿيندڙ بزنس ڪان??رن?? ۾ شرڪت ڪندو. بزنس ڪان??رن?? ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٿيندي. افغانستان جي صورتحال ان ڪان??رن?? جو اهم حصو رهندي، هن چيو ته تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي. اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، تاجڪستان جي دوري دوران افغانستان ۾ مستحڪم ۽ جامع حڪومت جي باري ۾ اسان جي نظريي کي سگهه ملندي. هن چيو ته ويزن سينٽرل ايشيا پاڪستان جي فارن پاليسي جو اهم حصو آهي. اهو دورو ان لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ جي دوري تي ويو هن پاڪستان جي عوام جو وقار بلند ڪيو. تاجڪستان جو دورو به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي هوندو.