اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ ??ان سرڪاري زمين ۽ ٻيلن تي قبضي جي روڪٿام ٿيندي، قبضا گروپن کي اها ئي ٽيڪنالاجي شڪست ڏئي سگهي ٿي، ڊيجيٽلائيزيشن ??ان ماڻهن کي تحفظ ملندو، شفافيت ??ان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون، جائيدادن تي ناجائز قبضي ??ان سڀ کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني متاثر ٿين ٿا، لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ??ان هر ڪو پنهنجي ملڪيت جو رڪارڊ ڏسي سگهندو ۽ آن لائين ٽرانسفر ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪيڊسٽريل ميپنگ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي ويزن موجب زميني نظام کي جديد ڊيجيٽل آن لائين نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيڊسٽريل ميپنگ جي منصوبي تحت سروي آف پاڪستان جيوگرافڪ انفارميشن س??ٽم (جي آءِ ايس) جو استعمال ڪندي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي جديد ترين ڊيجيٽل نقشه سازي جو عمل مڪمل ڪيو آهي. سروي آف پاڪستان کي ڪيڊسٽريل ميپنگ جو ڪم ڏنو ويو جنهن جو بنيادي مقصد نقشه سازي ۽ مساحت جي موجوده نظام کي جديد ۽ ڊيجيٽل فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي روينيو رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ملڪ جي سرڪاري زمين جي ڊيجيٽل ڊيٽا تيار ڪرڻ شامل آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل جو مقصد پٽوار جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ، انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ زمين رڪارڊ جي پوري نظام کي شفاف بڻائڻ آهي. پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل رٽائرڊ انور علي حيدر ان قدم جي تفصيل بابت شرڪت ڪ??دڙ?? کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان قدم ??ان منصوبابندي بهتر انداز ۾ ٿي سگهندي ۽ سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪري سگهبو، هر شهري جي پنهنجي جائيداد تائين پهچ هوندي، پهريون ڀيرو لينڊ رڪارد کي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ??ان ڳنڍيو پيو وڃي، ان قدم ??ان رڪارڊ جي تبديلي ناممڪن ٿيندي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ سروي آف پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو، ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي ??ان خوف هو ته اهو مڪمل نه ٿيندو ڇو ته جن ماڻهن جا مفاد پراڻي س??ٽم ??ان ڳنڍيل هئا اهي ان مان سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندا هئا جڏهن ته قبضا گروپ پڻ نه چاهيندا هئا ته اهڙي قسم جو قدم حڪومت کڻي، ا??ان ان قدم جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان چڱي ريت آگاهه آهيون. وزيراعظم چيو ته رڳو اسلام آباد ۾ 300 ارب رپيا ماليت جي زمين تي يا ته قبضو هو يا اها استعمال ۾ نه آندي وئي، ٻيلي کاتي جي هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو هو. هن چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ نظام ??ان شفافيت ايندي، شفافيت نه هجڻ جي ڪري ماڻهن پئسو ٺاهيو ۽ اهي طاقتور ٿي ويا جڏهن ته ڪمزور ماڻهن تي ظلم ٿئي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ا??ان جو اثاثو آهن، اهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿا پر ان جي لاءِ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول بڻائڻ ضروري آهي، ان جو هڪ وڏو سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ آهي جتي قانون جي بالادستي هوندي آهي اتي سيڙپڪاري به ٿيندي آهي ۽ جتي انصاف هوندو آهي اتي خوشحالي ايندي آهي. هن چيو ته هي منصوبو هڪ وڏو قدم آهي ان ??ان اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد به وڌندو، انهن جو وڏو مسئلو جائيدادن تي ناجائز قبضو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ م عدالتن ۾ 50 سيڪڙو ڪيس ملڪيتن تي قبضن جا آهن، پراڻي لٺا س??ٽم ۾ تبديلي آ??ان آهي. وزيراعظم چيو ته آن لائين س??ٽم ??ان هاڻي پلاٽ جي ملڪيت ڏسڻ آ??ان هوندي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ اهو منصوبو نومبر تائين مڪمل ٿيندو جڏهن ته ان جي 6 مهينن کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهو س??ٽم لاڳو هوندو، ان ??ان عام ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. وزيراعظم چيو ته شهرن ۾ زمين جون قيمتون تيزي ??ان وڌيون آهن، قبضا گروپ کي جيڪڏهن ڪا شيءَ شڪست ڏئي سگهي ٿي ته اها هي ٽيڪنالاجي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي حدت ??ان پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جو سخت خطرو آهي جڏهن ته آلودگي ??ان دريائي پاڻي به آلوده ٿي رهيو آهي، ا??ان وڻ وڍي تباهي ڪئي، گذريل ٽن سالن کان حڪومت ٻيلا هڻي رهي آهي، ان منصوبي ??ان ان ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته سرينگر هاءِ وي تي ٻيلا 45 ايڪڙ مان 113 ايڪڙ تائين وڌي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت اربين رپين جي سرڪاري زمين ۽ ٻيلا قبضو ڪ??دڙ?? کان ڇڏرايا آهن، ڪيڊسٽريل ميپنگ ??ان ان جي نگراني ٿي سگهندي. هن چيو ته ان منصوبي ??ان وڌيڪ خوشي ان لاءِ آهي ته اهو عام پاڪستانين جي لاءِ آهي، ان ??ان ماڻهن کي تحفظ ملندو، ان جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ ان ??ان شفافيت ايندي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪرن ??ان طاقتور ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو، منصوبي ??ان ملڪيتن تي ناجائز قبضن جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۽ ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام ۾ ڪيڊسٽريل ميپنگ ??ان مدد ملندي.