اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قو??ن کي افغانستان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ??ندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي انساني صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي ??هميت تي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته افغانستان ۾ 40 سالا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن افغانين کي پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ضرورتن جي ??ل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني انخلا به رڪجي ??گهندو ۽ افغانستان ۾ پناهگيرن جي ??حران کي روڪي سگهبو. وزيراعظم افغان عوام کي انتهائي ضروري انساني امداد پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي ??هم ??ردار کي ساراهيو. وزيراعظم ان حوالي سان پاڪستان پاران گڏيل قو??ن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پاڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي ??والي سان آگاهه ڪندي پاڪستان پاران انساني همدردي جي ??نياد تي افغانستان جي ??نا ڪنهن رڪاوٽ جي ??پريشن ۾ مڪمل تعاون جي ??زم کي ورجايو.