اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آه??، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيبل آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفين کان وصول ڪري واپس ڪري سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آپريٽرز موجود آه??، اسان جو مقصد ڪيبل آپريٽرز کي جديد دور جي گهرجن ??ان هم آه??گ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آه??، هن چيو ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، ڪيبل آپريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات وار?? وفاقي وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آپريٽرز سان ملاقات ڪري ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان معاملن کي حتمي شڪل ڏي.