??سل??م آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادارا خودمختيار ۽ آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن سچو آهي ته پاڻ ??ي نيب جي سامهون پيش ڪرڻ کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟ جيڪڏهن شهباز شريف سچو ته پاڻ ??ي احتساب لاءِ پيش ڪري. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته شريف خاندان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪر??شن جا نوان داستا?? لکيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين آئين جي بالادستي ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙي قانون جي ڳالهه ڪئي آهي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو تڏهن به پاڻ ??ي احتساب لاءِ عدالتن جي سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته شريف خاندانن ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪر??شن جا نوان دستان رقم ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي مني ٽريل عدالت جي سامهون رکي ۽ سپريم ڪورٽ صادق ۽ امين قرار ڏنو. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ صرف پنهنجي ڪر??شن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهي آهي، ن ليگ جي دور ۾ ڪر??شن جي بازار گرم هئي، مملڪتي وزير چيو ته جيڪو جيتري ڪر??شن ڪندو هو ان کي ايترو ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ ??افيا سان مهاڏو اٽڪايو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪيل مهانگن معاهدن جو نتيجو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.