اسلام آباد – 21 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطينن ??ان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي باري ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿي رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن فلسطينن کي برابر جا حق ملندا، ا??ان امن لاءِ دعاڳو آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطينن ??ان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي قوم کي خطاب ۾ ڪيو، وزيراعظم چيو ته اڄ جهڙي طرح ??ان پاڪستاني قوم فلسطينن جي حمايت ۾ نڪتي آهي ان ??ان مون کي خوشي ٿي آهي، سڄي قوم فلسطينن تي ظلمن جي نشاندهي ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي جنهن تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل جڏهن کان ٺهيو آهي پاڪستان جو ان مسئلي تي هڪ ئي موقف رهيو آهي ۽ اهو موقف ا??ان جي عظيم اڳواڻ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو هو ته فلسطينن ??ان اها وڏي ناانصافي ۽ زيادتي ٿي آهي ۽ ا??ان پنهنجي موقف تي سدائين قائم رهنداسين. وزيراعظم چيو ته 27 رمضان جي رات جڏهن جو مسجد نبوي ۾ هو ته کيس قبله اول مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملي ۽ اسرائيلي پوليس طرفان فسلطينن تي تشدد جو پتو پيو، 70 سالن کان فلسطينن جي آبادي کي اسرائيلي آبادڪارن انهن جي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان ??ان هڪ نئون انتشار پيدا ٿيو، وزيراعظم چيو ته غزه ۾ بمباري ڪئي وئي ۽ طاقتور ور فوج هٿين خالي فلسطينن تي ظلم ڪيو ويو?? ٻارن کي بمباري ڪري شهيد ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ اڳئين ڏينهن ئي مون او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ??ان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته او آءِ سي ان معاملي تي اسٽينڊ وٺي ۽ فلسطينن تي ظلم جي معاملي کي گڏيل قومن ۾ کنيو وڃي، وزيراعظم چيو ته مون پاڪستان واپس اچي شاهه سلمان ??ان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ان معاملي تي آواز بلند ڪرڻ جو چيو، وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ملائشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتر محمد ??ان به ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پوءِ فلسطين صدر محمود عباس ??ان ٿي مون کين خاطري ڪرائي ته سڄي ملسمان امت پر سموري انصاف پسند دنيا انهن ??ان گڏ بيـٺل آهي ۽ مون شاهه محمود قريشي کي هدايت ڪئي ته ان معاملي کي گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي ۾ کڻي ۽ هن جهڙي طرح ??ان سڀني مسلمان ملڪن کي گڏائي ان مسئلي کي ڀرپور طريقي ??ان کنيو ان تي کيس داد ڏيان ٿو، هن چيو ته ان سڄي صورتحال ۾ خوشي جي ڳالهه اها آهي جو هاڻي دنيا جي راءِ فلسطينن جي باري ۾ تبديل ٿي رهي آهي.