اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي ??قن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو ??ظهار ڪندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر طرح جي امتياز ۽ ??قن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خصوصي طور تي مزدور جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انهن جو ??عاون اڻٽر آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ سندس خدمتون لائق تحسين آهن. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي ??قن جي تحفظ جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين، صدر چيو ته مزدورن جي جدوجهد معاشرتي ناانصافي، چائلڊ لي??ر، جبري مشقت، رنگ، نسل، مذهب يا صنفي بنياد تي فرق ۽ هر طرح جي پائمالي جي خلاف مشعل راهه بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ليبر قانونن جي جوڙجڪ کان گهڻو پهرين اسلام مزدورن جي ??قن ۽ وقار کي حرمت ڏني، اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ جي زندگ?? ۾ ??زدور جي وقار ۽ ??قن جي احترام جا ڪيترائي مثال ملن ٿا?? انهي بنياد تي اسان سمجهون ٿا ته مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مزدور ۽ مالڪ جو ??عاون اڻٽر آهي.