اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ عنصرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ڪنهن کي به ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آه??، کنڊ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري ۾ ملوث شگر ملز جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گذريل ٻن مهينن ۾ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ??جحان ڏسڻ ۾ آيو آه??، ان جي تسلسل کي قائم رکڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ??ڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن روزاني جي استعمال جي شين جي قيمتن جي صورتحال جو ??ائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.