اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد عل?? جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان ملها??و ويو، ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳ??اڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪ??و ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم پيدائش جي موق??ي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿ?? جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موق??ي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ?? ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قوم کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪا??و ويو، قائداعظم محمد عل?? جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم پيدائش جي موق??ي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد عل?? جناح جي فڪر ?? ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪ??و ويو.