اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معيشت مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو، اسان اقتصادي طور تي هر صحيح رخ ۾ گامزن هئاسين پر ٻين ملڪن وانگر اسان جو ملڪ ڪوويڊ – 19 کا?? متاثر ٿيو، ڪورونا سان معيشت متاثر ٿي ?? اها غيرمتوقع صورتحال هئي، ل??ڪ ڊائونز جي صورتحال جو ان کا?? اڳ ڪنهن کي به تجربو نه هو. عالمي اقتصادي فورم جي انتظام هيٺ ڪوويڊ – 19 کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحا??ي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي حوالي سان ”پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسا?? ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، عوام کي بيماري کا?? تحفظ ۽ ماڻهن کي بک سان مرڻ کا?? بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا.