GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

قومي ڌارا ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف هن وقت ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو رويو اهڙو آهي جيئن ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ ورهي رهيا هجن: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي ڌارا ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف هن وقت ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو رويو اهڙو آهي جيئن ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ ورهي رهيا هجن، پي ٽي آءِ اڳواڻ اندروني سياست ڇڏي قومي ڌارا ۾ اچن، هتي سياست ڪن، ميثاق معيشت جي لاءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪن، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، انشاءَ الله پهرين به امن قائم ڪيو هو ۽ هاڻي به امن قائم ٿيندو، گوادر پورٽ اٿارٽي تي حملي ۾ ملوث ڪريم جان نالي دهشتگرد 2022ع کان مسنگ پرسن ڊڪليئر هو، اهو انتهائي حساس معاملو آهي، ان کي وڌيڪ ڏسڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم جي سربراهي ۾ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي پوري طرح سان قائم آهيون، وزيراعظم جو ويزن آهي ته غريب ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف روزاني جي بنياد تي معيشت جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي، حڪومتي ڌيان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي آهي، اسٽيٽ اون ادارن جي نجڪاري، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي، ٽيڪس سڌاران، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جهڙن قدمن تي اسان جو ڌيان آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت پهريون ڀيرو ٽيڪس ڪاٿي کي وڌائيندڙ ڪاروباري ماڻهن کي ايوارڊز سان نوازيندي، ان ڏس ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باقاعده تقريب ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته معاشي سڌارن جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، رمضان المبارڪ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ وزيرن جون ڊيوٽيون هنيون، ڪالهه به وفاقي وزيرن يوٽيلٽي اسٽورز جا دورا ڪيا ۽ اتي موجود انتظامن جو جائزو ورتو. هن چيو ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ سمورن قدمن جي حوالي سان روڊ ميپ ٺهي رهيو آهي، وزيراعظم جو ڌيان معاشي سڌارن تي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، انشاءَ الله اڳ ۾ به امن قائم ڪيو هو ۽ هاڻي به امن قائم ٿيندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي مڪمل اعتماد آهي، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن گوادر پورٽ اٿارٽي تي حملو ٿيو جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي، ان حملي ۾ ملوث ڪريم جان نالي دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ان جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو ته خبر پئي ته هي 2022ع کان مسنگ پرسن ڊڪيلئر هو. هن چيو ته اها وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ان دهشتگرد جي حوالي سان ٻن سالن کان اها مهم هلائي پئي وئي ته هي مسنگ پرسن هو. هن چيو ته گوادر پورٽ اسان جو واپاري مرڪز آهي، سي پيڪ جو حصو آهي، ان تي حملو اسان جي معيشت تي حملو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف هن وقت ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، گوهر خان جدا ۽ شير افضل خان جدا ڳالهه ڪن ٿا، پي ٽي آءِ اڳواڻ هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ قومي پارٽي آهي پر ان جي اڳواڻن جو رويو اهڙو آهي جيئن ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ وڙهي رهيا هجن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اندروني سياست ڇڏي ميثاق معيشت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکن ٿا، ڪڏهن يورپي يونين کي اليڪشن جي جاچ جو چئي رهيا آهن ، جيڪڏهن توهان کي شڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن يا اليڪشن ٽربيونلز وڃو، هي ماڻهو لابنگ فرمز هائير ڪن ٿا، لابنگ فرمز کي هائير ڪرڻ تي لکين ڊالر خرچ اچي ٿو، ايترو پئسو انهن وٽ ڪٿان اچي ٿو. هن چيو ته ڊونلڊ لو پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي سرٽيفائيڊ ڪوڙو قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي قومي ڌارا ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيلٿ انشورنس پروگرام جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ رپورٽرز جي ڀلائي اطلاعات واري وزارت جي ذميواري اهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اهو پروگرام فعال رهي. چين سان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ عالمي سطح تي سڀ کان پهريون انٽرويو چين جي نيوز ايجنسي شهنوا کي ڏنو، وزيراعظم جي چونڊ جي فوري پوءِ چين مان مبارڪباد جا پيغام آيا، چين سان اسان جي دوستي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته اسان جو پورو ڌيان سي پيڪ تي آهي. غيرقانوني رهندڙ شهرين بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گهرو وزير ان حوالي سان الٽي ميٽم پڻ ڏنو آهي، محسن نقوي ان تي ڪم ڪري رهيو آهي. هي ماڻهو معيشت تي بار آهن، جيڪڏهن انهن جي رجسٽريشن نه آهي ته ان ڳالهه جي سخت نگراني ٿيڻ گهرجي ته اهي ماڻهو هتي ڪهڙي سرگرمي ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف بهتر سمجهيو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين شپ ناڻي واري وزير وٽ رهڻ گهرجي، ڪو تمام گهڻو اهم معاملو ٿيو ته وزيراعظم وٽ آندو وڃي. وزيراعظم معاشي سڌارن بابت ڪيترن ئي اجلاسن جي صدارت پڻ ڪري ٿو، ان جون مصروفيتون وڌيڪ هونديون آهن ان لاءِ هن اهو ئي مناسب سمجهيو ته اي سي سي جي چيئرمين شپ ناڻي واري وزير وٽ رهڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته غريب ماڻهو تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي، انهن کي وڌ کان وڌ رعايت ڏني وڃي. هن چيو ته اسان جو ڌيان معيشت جي استحڪام تي آهي، گذريل ڀيري جڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت هئي، ته اسان جو پورو ڌيان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ تي هو، ان ڏس ۾ آءِ ايم ايف سان ايگريمنٽ ٿي ويو ۽ معاملا صحيح ٿيا، چين جي مارڪِٽ ۾ پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان سان معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي. هن چيو ته ناڻي واري وزير جي صحافين سان پريس بريفنگ جو پڻ اهتمام ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڊي يوٽيلٽي اسٽورز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عام ماڻهو کي پڻ ضرورت جي شين تي 15 کان 20 سيڪڙو جي خصوصي رعايت ڏني وڃي، ٽي ڪروڙ 96 لک خاندانن کي بي آءِ ايس پي تحت سبسڊي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته رمضان المبارڪ مهيني دوران 12 ارب رپين جو سبسڊي پئڪيج ڏنو ويو آهي. هن چيو ته مهانگائي ان وقت گهٽ ٿيندي آهي جڏهن رپيو مستحڪم هجي، پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿئي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪيا وڃن، ٽيڪس اوڳاڙين کي وڌايو وڃي. هن چيو ته پي آءِ اي جو خسارو هر سال ڪيترائي سئو ارب رپيا هوندو آهي، اسان جي معيشت ان جو بار برداشٽ ڪري ٿي. هن چيو ته اسٽيٽ اون ادارن جي نجڪاري ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا پيا وڃن، ٽيڪس پيئرز کي ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ هڪ حوصلي افزائي آهي، اهي ماڻهو معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو فرض بڻجي ٿو ته جتي ڪا غلطي هجي ان جي نشاندهي ڪريون، هي ملڪ اسان سڀني جو آهي ۽ سڀ کان پهرين آهي، سياست ۽ سياسي پارٽيون بعد ۾ آهن. هن ملڪ کي سنوارڻ ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪريم جان جي معاملي تي قانون واري وزارت تفصيل سان ڪم ڪيو آهي، اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ آيو آهي، اهو حساس نوعيت جو معاملو آهي ان جا تفصيل جلد سامهون ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جنهن جي دل ڪري ٿي فيڪ نيوز ڦهلائي ڇڏي ٿو، اسان کي پنهنجي مٿان پاڻ اهڙو ضابطه اخلاق لاڳو ڪرڻو پوندو، فيڪ نيوز جو اثر پوري ملڪ تي پوي ٿو، اسان جو ملڪ اهڙي طرح جي شين کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، صحافين ۽ صحافتي ادارن کي ان بابت چارٽر ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن دير ٿي وئي ته اهو معاملو هٿ مان نڪري ويندو، ان حوالي سان قدمن جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے
متعلقہ مضامین
مزید خبریں